خانصاحب، غلام رسول ڪيهر

خانصاحب، غلام رسول ڪيهر

خانصاحب غلام رسول ڪيهر

خانصاحب، غلام رسول ڪيهر: رسول ڪيهر'>خانصاحب غلام رسول ڪيهر، پهرين جولاءِ 1901ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ڪيهرن ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ سنڌ مدرسته السلام ڪراچيءَ مان پاس ڪرڻ بعد بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1925ع ۾ گرئجوئيشن ڪيائين. غلام رسول ڪيهر سنڌ جو ٻيو ۽ لاڙڪاڻي جو پهريون سنڌي مسلمان هو، جنهن بمبئي يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. 1925ع ۾ مختيارڪار مقرر ٿيو. برٽش سرڪار ۾ پنهنجي اعليٰ صلاحيتن سبب ترقي ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر، پوءِ 1944ع ۾ ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽريءَ جو عهدو ماڻيائين. 1953ع ۾ کيس سي. ايس. پي چونڊيو ويو. پاڪستان مان غلام اسحاق خان (اڳوڻو صدر) ۽ غلام رسول ڪيهر چونڊجي سگهيا. رسول ڪيهر'>خانصاحب غلام رسول ڪيهر سيڪريٽري زراعت، سيڪريٽري ناڻو کاتو، ميمبر بورڊ آف روينيو جهڙن اعليٰ عهدن تي رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ صنعتن جي ترقيءَ لاءِ هڪ نئون ادارو سائيٽ قائم ڪيو ويو، جنهن جو باني چيئرمئن هو. 1952ع ۾ هن سرڪاري ملازمت تان استعيفيٰ ڏئي سياست ۾ حصو ورتو ۽ 1953ع واري اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي جي سيٽ تان شمس الدين ابڙي وڪيل کان چونڊ کٽي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو.
خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي وڏ وزارت دوران 1954ع ۾ صوبائي وزير خوراڪ ۽ زراعت به مقرر ٿيو ۽ 1956ع تائين وزير رهيو. 1956ع ۾ سياست ڇڏڻ بعد کيس اقوام متحده جي سماجي اقتصادي ڪائونسل ۾ پاڪستان جو نمائندو مقرر ڪري جنيوا موڪليو ويو. خانصاحب غلام رسول ڪراچي فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ جو باني چيئرمئن هو. هن سوسائٽيءَ طرفان 1957ع ۾ کيس سينيئر ميمبر پاڪستان پلاننگ ڪميشن جي حيثيت ۾ نوڪري ڏني وئي. اهڙيءَ طرح وفاقي پلاننگ ڪميشن جو باني به هو. هن پليٽ فارم تان به کيس 1958ع ۾ پهريون پنج ساله منصوبو پيش ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. 1970ع ۾ خانصاحب جي پنهنجي علائقي ۾ مقبوليت کي ڏسندي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني چيئرمئن ذوالفقار علي ڀُٽي کيس لاڙڪاڻي- رتيديري تڪ تان صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ ڏني، جنهن تي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪيائين. 2 مئي 1972ع تي کيس سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو، جتي لڳاتار مارچ 1977ع تائين پنج سال مدو پورو ڪندڙ اسپيڪر جو اعزاز ماڻيائين. کيس 1932ع ۾ ’خانصاحب‘ جو لقب مليو هو. رسول ڪيهر'>خانصاحب غلام رسول ڪيهر 4 جنوري 1986ع تي وفات ڪئي، کيس ميوا شاهه قبرستان، لاڙڪاڻي ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ خانصاحب غلام رسول ڪيهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.07.01  عيسوي

خانصاحب غلام رسول ڪيهر، پهرين جولاءِ 1901ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ڪيهرن ۾ جنم ورتو.


1972.05.02  عيسوي

2 مئي 1972ع تي کيس سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو، جتي لڳاتار مارچ 1977ع تائين پنج سال مدو پورو ڪندڙ اسپيڪر جو اعزاز ماڻيائين.


1986.01.04  عيسوي

خانصاحب غلام رسول ڪيهر 4 جنوري 1986ع تي وفات ڪئي، کيس ميوا شاهه قبرستان، لاڙڪاڻي ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امين راهي
پير ڪمال ڪمال فقير
ڄام سَپڙُ
ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي
حسينه معين
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
ابڙو عبدالڪريم چشتي
محبوب عالم
شهناز انصاري
جهونجهار شورو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون